اشرف شاهه ڪامارائي جي مزار

اشرف شاهه ڪامارائي جي مزار

اشرف شاهه ڪامارائي

اشرف شاهه ڪامارائي: پير محمد اشرف ڪاماري وارو سال 1214هه/1799ع ڌاري ڳوٺ ڪرم خان جمالي، تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ڄائو. هيءُ شيخ بهاؤالدين ذڪريا ملتانيءَ جي اولاد مان هو. سندس ڏاڏو مخدوم شيخ محمد اشرف، سنڌ ۾ اچي رهيو. ننڍي هوندي کان ئي پير محمد اشرف جو فقيري ۽ شعر و شاعريءَ ڏانهن لاڙو هو. سندس چيل مداحون، مولود، مناقبا ۽ ڪافيون رسالي جي صورت ۾ موجود آهن. پير اشرف شاهه قريشي، بعد ۾ بُڪيرن مان لڏي اچي ڪاماري شريف ۾ رهيو. پير صاحب ٻارهين مهيني مُلتان ويندو هو، سفر دؤران جتان جتان به سندس گذر ٿيندو هو، اُتان سندس هزارين معتقد ۽ مُريد آجيان ڪندا هئا. رياست بهاولپور جو نواب، صادق محمد خان عباسي (اول) سندس وڏو معتقد هو. سندس فرزند شيخ محمد غوث کي ڳوٺ ”راڄي خاناڻيءَ“ ۾ ڪن شرير، ماڻهن ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪري ڇڏيو. انهيءَ واقعي جو مٿس گهڻو اثر پيو، پر جڏهن قاتل سندس پيرن تي اچي ڪريا، ته کين معاف ڪري ڇڏيائين. پنهنجي پُٽ جي وفات کان پوءِ، پاڻ گهڻو وقت عبادت ۾ گذاريندو هو. آخر 14 ربيع الاول 1277هه/ جولاءِ 1860ع ڌاري ڳوٺ ڪاماري شريف، تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ وفات ڪيائين، جتي سندس مزار تي عاليشان مقبرو تعمير ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1799.00.00  عيسوي

پير محمد اشرف شاهه ڪاماري وارو سال 1799ع ڌاري ڳوٺ ڪرم خان جمالي، تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ڄائو


1860.07.00  عيسوي

اشرف شاهه ڪامارائي جولاءِ 1860ع ڌاري ڳوٺ ڪاماري شريف، تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير ڪامل قريشي
شريف سولنگي
ڏگوغريب الله
جاريه بن قدامرضه
عبدالتواب خان ڊاڪٽر
فاروق سولنگي
سُهائي ٽالپر
عربي ڳاهو
پاربرهم فقير
تهمينه سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون